اڳوڻن اسيمبلي ميمبرز کانپوءِ سندن مائٽ ڪامورا به سرڪاري گاڏين تي قابض

ڪراچي: مٽياري ضلعي جا 2 اڳوڻا ڊپٽي ڪمشنر ڪروڙن جي ماليت جي 5 گاڏين تي قابض هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ذريعن موجب اڳوڻن ڊي سيز مرتضيٰ شاهه ۽ غلام حيدر چانڊيو بدلي ٿيڻ باوجود گاڏيون واپس نه ڪيون

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته مرتضيٰ شاهه وٽ 3 گاڏيون هڪ ويگو، هڪ ريوو ۽ ڪرولا ڪار آهي، جڏهن ته غلام حيدر چانڊيو وٽ هڪ ڪرولا ۽ هڪ ڪلٽس ڪار آهي

ذريعن موجب ٻئي آفيسر مٽياري مان بدلي ٿيڻ باوجود غيرقانوني طور ضلعي جون سرڪاري گاڏيون استعمال ڪري رهيا آهن

ٻنهي آفيسرن کان سرڪاري گاڏيون واپس ڪرائڻ لاءِ ايس اينڊ جي اي ڊي کاتي ۽ ضلعي انتظاميا قدم نه کنيو

غلام حيدر چانڊيو اڳوڻي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو جو ڀاءُ آهي، مرتضيٰ شاهه اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ويجهو مائٽ آهي

Read Previous

جنسي لاڳاپا نه رکڻ تان فلم مان ڪڍيو ويو: ايشا گپتا

Read Next

نياز ڪالاڻي پاران سنڌ مان افغانين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان

Most Popular