مرتضيٰ قتل ڪيس، اڳوڻن پوليس آفيسرن سميت 19 جوابدار طلب

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾
جوابدارن جي آزادي جي خلاف اپيلن تي اڳوڻو ڊي آئي جي شعيب سڊل،
اڳوڻي پوليس آفيسر واجد دراني سميت 19 جوابدارن کي طلب ڪري
ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مرتضيٰ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، طلب ڪرڻ
جي باوجود جوابدار پيشي تي نه اچڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار
ڪيو. عدالت ايس ايڇ او ڪلفٽن کي نوٽيس جي تعميل جو حڪم ڏيندي،
اڳوڻي ڊي آئي جي شعبيب سڊل، اڳوڻي پوليس آفيسر واجد دراني سميت
19 جوابدرن کي طلب ڪري ورتو. ٻڌڻي دوران وڪيل عدالت کي ٻڌايو
ته مسعود شريف، راءِ محمد طاهر، شبير احمد قائم خاني لاڏاڻُ ڪري
چڪا آهن عدالت حڪم ڏنو ته جن جوابدارن جو انتقال ٿي چڪو آهي،
ان جي تصديق ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

Read Previous

مون کي ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار ڊي آئي جي لاڙڪاڻو هوندو: ام رباب چانڊيو

Read Next

نگران حڪومت رجسٽرڊ افغان پناهگيرن لاءِ وڏو فيصلوڪري ورتو

Most Popular