نگران حڪومت رجسٽرڊ افغان پناهگيرن لاءِ وڏو فيصلوڪري ورتو

اسلام آباد: نگران حڪومت رجسٽرڊ افغان پناهگيرن لاءِ وڏو
فيصلوڪري ورتو.ذريعن موجب نگران وفاقي ڪابينا سرڪوليشن
سمري تي منظوري ڏني، جنهن تحت رجسٽرڊ افغان پناهگيرن لاءِ
رجسٽريشن ڪارڊ جي مدي ۾ 6 مهينا واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزارت ۽ گهرو وزارت پي او آر جو
مدو وڌائڻ جي سفارش ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ پي او آر ۾ واڌ رجسٽرڊ
افغان پناهگيرن ۽ انهن جي فيملي ميمبرن تي لاڳو ٿيندي، پي او آر ۾ واڌ
پهرين جولاءِ 2023 کان 31 ڊسمبر 2023 لاءِ هوندي. ذريعن موجب
رجسٽرڊ افغان پناهگيرن لاءِ رجسٽريشن ڪارڊ جو مدو 30 جون
2023 تي ختم ٿي ويو هو. واضح رهي ته پاڪستان ۾ رجسٽرڊ افغان
پناهگيرن جو انگ 13 لکن کان وڌيڪ ٿئي ٿو.

Read Previous

مرتضيٰ قتل ڪيس، اڳوڻن پوليس آفيسرن سميت 19 جوابدار طلب

Read Next

آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) گئس اگهن ۾ واڌ جونوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

Most Popular