منهنجي ڪاميابي کي ڏسي مون کي نااهل قرار ڏنو ويو پر مان پنهنجو حق نه ڇڏيندس: شيخ رشيد

اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته منهنجي ڪاميابي کي ڏسي مون کي نااهل قرار ڏنو ويو پر مان پنهنجو حق نه ڇڏيندس

 نامزدگي ڪاغذن جي رد ٿيڻ تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته منهنجي پوري ڪوشش هوندي ته مون کي فيصلي جي ڪاپي ڏني وڃي ته جيئن سپريم ڪورٽ کان پنهنجو حق حاصل ڪريان، مان پنهنجي حق لاءِ آئيني ۽ قانوني ويڙهه وڙهندو رهندس

هن چيو ته ڪالهه مون کي گهرائي ٻڌايو ويو ته 12 سال اڳ مريءَ جي  ڪنهن ريسٽ هائوس ۾ رهڻ جي آڌار تي 942 رپيا ادا نه ڪيا، جنهن تي مون کي نااهل قرار ڏنو ويو، اهو هڪ ڪُڌو مذاق آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي

شيخ رشيد چيو ته 50 سالن ۾ ڪو به ثابت ڪري ته مان ڪنهن ريسٽ هائوس ۾ رهيو آهيان ته مان سياست تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهيان، شيخ رشيد چيو ته اين اي 56 ۽ اين اي 57 تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهيان، پي ٽي آءِ جا ووٽرز مون کي سپورٽ ڪري رهيا هئا

هن چيو ته پي ڊي ايم کي ڀڄڻ جو ڪو به رستو نه ملندو ۽ انشاءُ الله تاريخي ڪاميابي سان کٽينداسين، سازشي ٽولو ٻيهر لنڊن ڀڄي ويندو پر اسان کي پاڪستان ۾ رهڻو آهي ۽ هتي ئي مرنداسين گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن شيخ رشيد جا اين اي 56 ۽ اين اي 57 تان نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا هئا

Read Previous

بلوچستان جي علائقي آواران ۾ فورسز جو آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا

Read Next

حملي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ مراد سعيد، زرتاج گل سميت 51 جوابدارن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم

Most Popular