اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) بيلٽ پيپرز جي کوٽ سبب ڪجهه تڪن ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب اليڪشن ڪميشن چونڊ تڪن ۾ بيلٽ پيپرز جي ٻيهر ڇپائي جي مسئلي تي هڪ هنگامي اجلاس ۾ غور فڪر کان پوءِ فيصلو ڪيو آهي ته جن تڪن ۾ بيلٽ پيپرز جي ٻيهر ڇپرائي ڪرائڻي پئجي رهي آهي اتي ڇپائي جي سلسلي کي ملڪ جي ٻين تڪن جي بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪيو ويندو. پر ان جو دارومدار خصوصي سيڪيورٽي ڪاغذ ۽ وقت جي دستيابي سان گڏ پرنٽنگ پريسن جي طاقت سان جڙيل هوندو ۽ جيڪڏهن خصوصي سيڪيورٽي ڪاغذ گهربل مقدار ۾ نه مليو ته ڪميشن وٽ انهن تڪن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪوبه حل نه رهندو.