9مئي جي واقعن جي پلاننگ شيخ رشيد لال حويلي ۾ ڪئي، شيخ رشيد 6 مئي تي لال حويلي ۾ اجلاس سڏايو هو: راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سلطاني گواهه بڻيل پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار اجمل صابر جو بيان، اجمل صابر پنهنجي بيان ۾ چيو ته شيخ رشيد 6 مئي تي لال حويلي ۾ ڪوٺايل اجلاس دوران 9 مئي جي واقعن جي رٿابندي ڪئي، پي ٽي آءِ باني ۽ شيخ رشيد خلاف 9 مئي جي واقعن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پنجاب اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر واثق قيوم، اڳوڻو ايم اين اي صداقت عباسي ۽ عمر تنوير بٽ به سلطاني گواهه بڻجي ويا، ذريعن موجب ٽنهي ڄڻن عدالت ۾ 154 جو بيان ريڪارڊ ڪرائي ورتو، سلطاني گواهن جي بيان موجب 9 مئي جي پلاننگ باني پي ٽي آءِ، شيخ رشيد، راجا بشارت ۽ ٻين جي چوڻ تي ڪئي وئي، عدالت شيخ رشيد ۽ ڀائيٽي راشد شفيق 6 فيبروري تي طلب ڪري ورتو