عام چونڊن لاءِ سمورا انتظام مڪمل آهن، سيڪيورٽي کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: مرتضيٰ سولنگي

عام چونڊن لاءِ سمورا انتظام مڪمل آهن، سيڪيورٽي کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، پهرين حصي ۾ پوليس، ٻئي حصي ۾ ايف سي ۽ رينجرز وارا فرض سرانجام ڏيندا، سيڪيورٽي جو ٽيون ليئر پاڪ فوج وٽ هوندو: سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي اسلام آباد ۾ پرڏيهي مبصرن ۽ ميڊيا کي بريفنگ، مرتضيٰ سولنگي چيو ته سڄي ملڪ ۾ پرامن ۽ شفاف چونڊون يقيني بڻايون وينديون، قومي اسيمبلي جي 266 سيٽن تي چونڊ ٿي رهي آهي، ووٽرز جو ڪل انگ 12 ڪروڙ 85 لک 85 هزار 760 آهي، پاڪستان ۾ ميڊيا آزاد آهي ۽ هر ڪنهن کي تنقيد ۽ راءِ جي اظهار جو حق حاصل آهي، 92 پرڏيهي مبصر چونڊن واري عمل جو جائزو وٺندا

Read Previous

عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ 7-7 سال قيد جي سزا

Read Next

لال حويلي ۾ 9 مئي جي رٿابندي ڪئي وئي، واثق قيوم ۽ صداقت عباسي سلطاني گواهه بڻجي ويا

Most Popular