ڊيره اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي پوليس ٿاڻي تي حملي ۾ 10 پوليس اهلڪارشهيد ٿي ويا ۽ 6 اهلڪار زخمي ٿي پيا
پوليس موجب ڊي آءِ خان جي تعلقي درابن جي ٿاڻي ۾ رات جو اڻڄاتل دهشتگردن حمل ڪري ڏنو
دهشتگردن جي حملي ۾ ڊيوٽي تي موجود 10 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا
اطلاعن موجب واقعي بعد دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس ۽ سيڪيورٽي فروسز دهشتگردن جي ڳولا جي لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو
حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز اعجاز شهيد پوليس لائن ۾ ادا ڪئي وئي