نواز ليگ هارائي رهي آهي، مريم وزيراعليٰ يا وزراعظم نه ٿيندي، خواب ڏسڻ تي پابندي ناهي: بلاول

حيدرآباد / اسلام آباد (رپورٽر/ م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي صدر لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر آصف علي زرداري کي اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ان ڏس ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ پروگرام ۾ انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته  آصف زرداري پيپلزپارٽي پاران صدارت جو اميدوار هوندو. وزيراعظم ۽ صدر لاءِ اسان پنهنجو اميدوار آڻينداسين.  هن چيو ته چيئرمين سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ به پنهنجا اميدوار بيهارينداسين.  انٽرويو دوران بلاول ڀٽو زرداري عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جو خدشو ظاهر ڪيو هن چيو ته هي موسم ئي ڌُنڌ جي آهي. خدشو آهي ته عام چونڊن ۾  ڌانڌلي ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان مسلم ليگ ن سڄي ملڪ مان هارائي رهي آهي.  ن ليگ هار ائي رهي آهي. مريم نواز جو وزراعليٰ يا وزراعظم بڻجڻ جو خواب پورو نه ٿيندو، پر خواب ڏسڻ تي ڪا پابندي ناهي.  تارڙ صاحب خواب ڏسڻ تي پابندي ناهي لڳائي. هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم کي پنهنجي هار نظر اچي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري بشريٰ بي بي کي سزا تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.  سندس چوڻ آهي ته توشا خانا ۽ سائفر ڪيسن تي موقف وضح آهي، پر نڪاح ڪيس ۾ سزا تي تعجب آهي

هن بشريٰ بي بي جي فيصلي تي چيو ته سياست ۾ ايترو اڳتي نڪري نه وڃڻ گھرجي. هوڏانهن حيدرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري چيو ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ عوام مرده باد جا نعرا هڻڻ تي تاڙيون وڄائيندڙن ۽ ”را“ کان پئسا وٺي سياست ڪندڙن کي ووٽ نه ڏي. تارا ۽ ستارا صرف آسمان تي سٺا لڳن ٿا ان ڪري تاري لاءِ ووٽ گهرندڙن کي به ووٽ نه ڏنو وڃي، ڪتاب جي نالي تي ووٽ گهري مذهبي نفرت ڦهلائيندڙن کي به ووٽ کان جواب ڏنو وڃي. مون کي شينهن جو رستو روڪي ان جو شڪار ڪرڻو آهي ان ڪري 8 فيبروري تي صرف تير تي ٺپو هنيو وڃي ته جيئن پ پ جا نامزد اميدوار ڪامياب ٿين ۽ کين عوام جي قسمت بدلائڻ جو موقعو ملي سگهي. چونڊن ۾ پ پ ۽ نواز ليگ جو مقابلو ٿي رهيو آهي ان ڪري آزاد اميدوارن کي به ووٽ ڏئي پنهنجو ووٽ ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي

حيدرآباد جي حسين آباد واري علائقي ۾ ميونسپل گرائونڊ تي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زردراي چيو ته آئون حيدرآباد جي عوام جو شڪرگذار آهيان جنهن بلدياتي چونڊن ۾ جيالي ميئر کي ڪامياب ڪرايو. جيڪڏهن حيدرآباد شهر مان نفرت ۽ تقسيم ڪرڻ جي سياست کي دفن ڪرڻو آهي ته پوءِ هتان جي شهرين کي پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن هو وزيراعظم ٿيو ته پاڪستان جي عوام جي آمدني کي ٻيڻو ڪري ڏيکاريندو. غريبن لاءِ 30 لک گهر ٺهرايا ويندا جن جا مالڪاڻا حق عورتن جي حوالي ڪيا ويندا. غريب ماڻهن کي 300 يونٽ مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي. منهنجي امڙ شهيد ٿي وئي آهي جنهن جو ملڪ جي ماڻهن ڀرپور ساٿ ڏنو. آئون واعدو ٿو ڪريان ته ماڻهن جي اهڙي خدمت ڪندس جيئن اولاد پنهنجي والدين جي ڪندو آهي. هن چيو ته ماڻهن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا. انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ۾ واڌارو ڪيو ويندو

نوجوانن کي روزگار فراهم ڪيو ويندو ۽ انهن لاءِ بينظير يوٿ ڪارڊ جاري ٿيندو جيستائين هو ڪنهن روزگار سان نه لڳن. هن چيو ته مزدورن کي سندن محنت جو اجورو ملندو. انهن مزدورن لاءِ به بينظير ڪارڊ جاري ڪرايا ويندا. کين سيڪيورٽي، صحت ۽ تعليم جون ڀرپور سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هارين لاءِ بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪيا ويندا ۽ يونين ڪائونسل سطح تي شاگردن لاءِ ڳڀي جو بندوبست به ڪيو ويندو. سندن منشور مطابق هر ضلعي ۾ يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي ۽ مفت علاج جا ادارا قائم ٿيندا جتي غريب ماڻهن جو مفت ۾ معياري علاج ڪرايو ويندو. هن چيو ته 18هين ترميم بعد 2015ع ۾ 17 وزارتون صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻيون هيون پر اهي وزارتون اڃا تائين وفاق وٽ آهن. انهن وزارتن تي ساليانو 300 ارب رپيا ضايع ٿي وڃن ٿا. ملڪ جي اشرافيا کي 1500 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وڃي ٿي. آئون وزيراعظم ٿيس ته اها سبسڊي ۽ وزارتن تي خرچ ٿيندڙ رقم عوام کي ڏياريندس. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو ڏينهن رات محنت ڪري پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پ پ جو مقابلو ن ليگ سان آهي اگر عوام چوٿون ڀيرو ڪنهن کي وزيراعظم نٿو ڏسڻ چاهي ته هو اسان جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي تير تي ٺپو هڻي. هن چيو ته اوهان کي چيو ويندو ته تاري کي ووٽ ڏنو وڃي

جلسي گاهه جي اسٽيج تي حيدرآباد مان نامزد اميدوارن کان هٿ مٿي کڻائي بلاول ڀٽو زرداري اهو وچن ورتو ته هو ڪامياب ٿي عوام جي خدمت ڪندا ۽ روزگار پنهنجي مٽن مائٽن، دوستن احباب کي ڏيڻ بدران نوجوانن کي فراهم ڪندا.  ان کان اڳ جلسي کي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته حيدرآباد جا رهواسي بلاول ڀٽو زرداري جا شيدائي آهن. برسات جي باوجود هو وڏي انگ ۾ جلسي ۾ شريڪ ٿيا آهن. هن چيو ته پنجاب جي جماعت جي ”گل مڪ گئي هي.“ اها جماعت چوندي هئي ته اسان جي مٿي ڳالهه ٿي وئي آهي. اسان جو امپائر عوام آهي، اسان جي ڳالهه به ٿي وئي آهي ۽ اها اسان جي ڳالهه سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي عوام سان ٿي آهي. اسان بلدياتي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم کي چيو هو ته هو چونڊن ۾ حصو وٺي پر شڪست جي ڊپ سبب ايم ڪيو ايم بلدياتي چونڊن ۾ حصو نه ورتو. هن چيو ته هاڻي به ان جماعت جي شڪست يقيني آهي

Read Previous

ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جو ٿاڻي تي حملو، 10 پوليس اهلڪارشهيد، 6 زخمي

Read Next

ڪشميرين سان ٻڌي جو ڏهاڙو، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ تقريبون ۽ ريليون

Most Popular