پشين جي علائقي خانوزئي ۾ سياسي جماعت جي آفيس ٻاهران ڌماڪو، 15 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا
پوليس موجب ڌماڪو صوبائي تڪ پي بي 47 جي اميدوار اميدوار اسفنديار ڪاڪڙ جي آفيس ٻاهران ٿيو
ٻڌايو پيو وڃي ته زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو، مارجي ويلن جو انگ 15 ٿي ويو آهي، ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن
اليڪشن ڪميشن واقعي جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي
اليڪشن ڪميشن طرفان ڌماڪي ۾ ملوث جوابدارن خلاف فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي