پولنگ واري ڏينهن سياسي جماعتن ۾ ٽڪراءَ جا اطلاع آهن، پوليس الرٽ آهي: آءِ جي سنڌ

آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته پولنگ واري ڏينهن سياسي جماعتن ۾ ٽڪراءَ جا اطلاع آهن پر پوليس جون تياريون مڪمل آهن، سڀاڻي سموري صوبي ۾ پرامن چونڊون يقيني بڻائينداسين، اڻوڻندڙ صورتحال پيدا ٿيڻ تي پوليس ۽ رينجرز 5 منٽن اندر پهچي وينديون

آءِ جي سنڌ رفعت مختار جون ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ جي سنڌ ڪامرس ڪاليج پي آءِ ڊي سي جو دورو ڪري چونڊن جو سامان رسائڻ جي انتظامن جو جائزو ورتو

آءِ جي راجا رفعت مختار چيو ته نارمل پولنگ اسٽيشن تي 5 اهلڪار، حساس پولنگ تي 6 اهلڪار ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن تي 8 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا

 هڪ سوال جي جواب ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته  ميرپورخاص ۾ هڪ اميدوار تي فائرنگ ڪئي وئي هئي پر کيس گولي نه لڳي، قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي

Read Previous

سموري ملڪ ۾ 16 هزار 766 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس قرار

Read Next

سياسي جماعت جي آفيس ٻاهران ڌماڪو، 15 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

Most Popular