پوليس آفيسرز کي اسٽيج ڏانهن اچڻ کان روڪيو ويو
جي ڊي اي جي ڌرڻي جي سيڪيورٽي لاءِ ٽن ضلعن جي پوليس جا 2 هزار اهلڪار مقرر آهن، ڪراچي مان پوليس جي اسپيشل ڪمانڊوز جي ٽيم به ڄامشورو پهتل آهي
ايس ايس پي ڄامشورو چيو آهي ته ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ فائر برگيڊ ۽ امبولنس سروسز جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون آهن
ڌرڻي جي سيڪيورٽي انتظامن جي قيادت ايس ايس ڄامشورو، ايس ايس پي بدين ۽ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان ڪري رهيا آهن