مون تي ڌانڌلي جا الزام لڳائيندڙ ثبوت به پيش ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد: (رپورٽر) راولپنڊي جي ڪمشنر چونڊن ۾ ڌانڌلي ۾ چيف جسٽس جي ملوث هجڻ جي الزام تي قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس جاري آهي. جنهن ۾ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو. چيف جسٽس چيو ته الزام لڳائيندڙ ثبوت به پيش ڪن.

ذريعن موجب چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس سندس چيمبر ۾ جاري آهي جنهن ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس اطهر من الله موجود آهن.

ذريعن موجب اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ راولپنڊي جي ڪمشنر جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ مشاورت کان پوءِ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ يا نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

اجلاس کان اڳ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيف جسٽس چيو ته منهنجي مٿان چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳايا ويا سمورا الزام بي بنياد آهن جن ۾ ڪنهن به قسم جي سچائي نه آهي. هن چيو ته الزام ڪير به لڳائي سگهي ٿو الزام لڳائڻ انهن جو حق آهي پر الزامن سان گڏ ثبوت به پيش ڪرڻ گهرجي. الزام لڳائيندڙ راولپنڊي جي ڪمشنر ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو آهي.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح منهنجي مٿان سڀاڻي ڪوبه چوري ۽ قتل جو الزام لڳائي سگهي ٿو پر اهڙن الزامن جو ثبوت به ته هجي.

Read Previous

راولپنڊي جو ڪمشنر ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر ڌانڌلي جا الزام رد ڪري ڇڏيا

Read Next

پي ٽي آءِ وارا سياسي مفاد لاءِ ملڪ کي بدنام پيا ڪن: مريم اورنگزيب

Most Popular