
اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز کي نيب جي ٽن ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو آهي
اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ، فليگ شپ ۽ العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران حسن ۽ حسين نواز جي وڪيل پيش ٿي بريت جي درخواست داخل ڪرائي
عدالت حسن ۽ حسين نواز جي بريت بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌايو ويو آهي
احتساب عدالت حسن ۽ حسين نواز کي نيب جي ٽن ڪيسن مان بري ڪرڻ جو فيصلو ڏنو آهي