پرويز الاهي جيل جي واش روم ۾ ڪري پيو، هڏي ۾ فريڪچر ٿي پيو: جيل رپورٽ

لاهور: پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي جيل اندر واش روم ۾ ڪري پيو آهي، جنهن سبب کيس فريڪچر پڻ ٿيو آهي

لاهور جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج ارشد حسين ڀٽي پنجاب اسيمبلي ۾ غير قانوني ڀرتين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پرويز الاهي جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي

 جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ عدالت کي ٻڌايو ته پرويز الاهي هڪ ڏينهن اڳ ڪري پيو، جنهن سبب سندس هڏي ۾ فريڪچر ٿيو، هو 17 مارچ تي واش روم ۾ ڪري پيو هو

ان کان اڳ عدالت جوابدارن جو انگ مڪمل نه ٿيڻ تي فرد جرم لاڳو نه ڪيو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن کي طلب ڪري ورتو، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Read Previous

نواز شريف جا پٽ حسن ۽ حسين نيب جي ٽن ڪيسن مان بري

Read Next

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا

Most Popular