
بلوچستان جي هرنائي واري علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر ڌماڪي بعد دٻجي ويل 12 پورهيتن جا لاش ڪڍيا ويا، 8 ڄڻن کي بچايو ويو
چيف انسپيڪٽر مائينز جو چوڻ آهي ته ڌماڪي وقت کاڻ ۾ 20 پورهيت موجود هئا، ريسڪيو آپريشن شروع ڪري 8 ڄڻن کي بچايو ويو
دٻجي ويل 12 پورهيتن جا لاش ڪڍيا ويا، فوتي پورهيتن جا مڙهه سندن اباڻي علائقي پشين اماڻيا ويا، کاڻ ۾ ڌماڪو ميٿين گئس ڀرجڻ سبب ٿيو