ڊيرا اسماعيل خان ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملو، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا
آءِ ايس پي آر موجب آپگهاتي بمبار پنهنجي گاڏي سڪيورٽي فورسز جي ڪانواءِ سان ٽڪرائي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، شهيد اهلڪارن ۾ نائب صوبيدار ياسر شڪيل ۽ سپاهي طاهر نويد شامل آهن
آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائي ۾ چيو آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بهادر سپاهين جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون، ان بزدلاڻي حملي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو