وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي ملاقات

اسلام آباد: (خميس: 21 مارچ 2024ع) وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ملاقات ڪئي آهي.

ذريعن موجب ملاقات ايس آءِ ايف سي جي ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ ٿي. ملاقات ۾ آرمي چيف وزيراعظم کي پنهنجي سعودي عرب جي دوري بابت اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم پاڪ سعودي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو..

ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اسپيشل انويسٽمينٽ فسيليٽيشن ڪونسل جي ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اعليٰ عسڪري اختيارين به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته آرمي چيف جنرل عاصم منير اجلاس ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪئي.

وزيراعظم شهباز شريف خطاب ڪندي چيو ته ايس آءِ ايف سي هڪ پليٽ فارم آهي جنهن کي جاري رکيو ويندو. ايس آءِ ايف سي جي ايپيڪس ڪميٽي نگران حڪومت ۾ به موثر ۽ ڀرپور ڪم ڪيو ويو.

Read Previous

سنڌ جي خوراڪ کاتي ڪڻڪ خريداري لاءِ پاليسي جوڙي ورتي

Read Next

ڊيرا اسماعيل خان ۾ فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملو، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد

Most Popular