حڪومت آءِ ايم ايف جي هڪ ٻئي اهم شرط پوري ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (ڇنڇر: 23 مارچ 2024ع) نئين حڪومت ٽيڪس نيٽ وڌائڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي هڪ ٻئي طرف پوري ڪندي واپارين جي لازمي رجسٽريشن لاءِ اسڪيم جو ايس آر او جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ايف بي آر موجب ريٽيلرز ۽ هول سيلرز جي رجسٽريشن شروعاتي طور تي 6 وڏن شهرن ۾ ٿيندي. انهن وڏن شهرن ۾ ڪراچي، لاهور، اسلما آباد، راولپنڊي، ڪوئٽه ۽ پشاور شامل آهن. اسٽورز، دڪانون، ويئر هائوسز ۽ ڪاروباري آفيسون رجسٽريشن ڪرائڻ جون پابند هونديون. ريٽيلرز ۽ هول سيلرز جي رجسٽريشن ڪري ايڊوانس انڪم ٽيڪس وصول ڪيو ويندو. هر مهيني جي 15 تاريخ کان اڳ ٽيڪس ڏيڻ تي واپارين کي 25 سيڪڙو رعايت ملندي. واپارين کان ٽيڪسٽ دڪاندارن جي ساليانه رينٽل ويليو جي حساب سان وصول ڪيو ويندو. هر دڪاندار کي گهٽ ۾ گهٽ ساليانو ساليانو 1200 روپيه انڪم ٽيڪس ڏيڻو پوندو. 2023 جا انڪم ٽيڪس گوشواره جمع ڪرائيندڙ واپارين کي به رعايت ملندي. اسڪيم پهرين اپريل کان لاڳو هوندي.

پهريان ٽيڪس وصولي پندرنهن جولاءِ کان ٿيندي قانون تي عمل نه ڪندڙن تي نيشنل بزنس رجسٽري ۾ زبردستي رجسٽريشن ڪئي ويندي. واپاي دوست ايپ جي ذريعي واپارين ۽ دوڪاندارن جو سينٽرل ڊيٽا بيس تيار ڪيو ويندو.

اسپيشل پروسيجرز فار سمال ٽريڊرز اينڊ شاپ ڪيپرز اسڪيم تي اسٽيڪ هولڊرز  کان راءِ طلب ڪري ورتي آهي. ڊيلرز، ريٽيلرز، مينو فيڪچرز ۽ امپورٽر گهٽ ري ٽيلرز لاءِ رجسٽريشن ڪرائڻ لازمي قرار هوندو.

Read Previous

چيني صدر جو آصف علي زرداري کي يوم پاڪستان تي مبارڪباد جو پيغام

Read Next

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ريليون ۽ مظاهرا

Most Popular