صدر جسٽس شوڪت عزيز جي رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:(جمعو: 03 مئي 2024ع) صدر آصف علي زرداري جسٽس شوڪت صديقي جي رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

جسٽس شوڪت عزيز صديقيءَ کي جج جي عهدي تان هٽائڻ وارو 11 آڪٽوبر 2018ع جو نوٽيفڪيشن پڻ واپس وٺڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

صدر قانون طرفان ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي تجويزن جي منظوري وزيرِاعظم جي ايڊوائس تي ڏني وئي آهي.

صدر نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ڏني، نوٽيفڪيشن جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي رٽائرمينٽ جي عمر پوري ٿيڻ جي تاريخ ٽيهه جون 2021 کان لاڳو هوندو.

ياد رهي ته سپريم ڪورٽ طرفان شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي جو سپريم جڊيشل ڪائونسل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ويو هو.

Read Previous

ٻاهران ڪڻڪ گهرائڻ وارو اسڪينڊل، وزيراعظم معاملي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

Read Next

سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو ڪميشن جي رپورٽ بابت ٻڌڻيءَ جو حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو

Most Popular