سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو ڪميشن جي رپورٽ بابت ٻڌڻيءَ جو حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو

فيض آباد ڌرڻو ڪميشن جي رپورٽ ٽي او آرز تي پوري نه ٿي لهي، حيران ڪندڙ حد تائين ڪميشن پاران ٽي ايل پي جي ڪنهن به ميمبر جو بيان ريڪارڊ نه ڪيو ويو، ڪميشن فيصلي جا ڪيترائي اهم نقطا نظر انداز ڪري ڇڏيا، وفاقي حڪومت ٻڌائي ته اها رپورٽ پڌري ڪرڻ چاهي ٿي يا نه؟

سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو ڪميشن جي رپورٽ بابت ٻڌڻيءَ جو حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو، حڪمنامي ۾ عدالت چيو آهي ته ڪميشن جي رپورٽ ۾ صوبائيت جي جهلڪ نظر اچي ٿي، آرڊر جي هڪ ڪاپي ڪميشن جي ميمبرز کي به اماڻي وڃي، ڪميشن جا ميمبرز چاهين ته عدالت جي شروعاتي آبزرويشنز تي پنهنجو ردعمل ڏئي سگهن ٿا

ڪميشن جا ميمبرز چاهين ته لکت ۾ يا عدالت آڏو پيش ٿي پنهنجي پوزيشن واضح ڪري سگهن ٿا، ٿي سگهي ٿو ته ڪميشن جا ميمبر اسان کي قائل ڪري وٺن ته هيءَ ڏاڍي سٺي رپورٽ آهي، اٽارني جنرل رپورٽ تي حڪومتي موقف پيش ڪرڻ لاءِ ٻن هفتن جي مهلت گهري ورتي

فيض آباد ڌرڻو ڪميشن جي رپورٽ پڙهي مايوسي ٿي، ظاهري طور ڪميشن جو مينڊيٽ فيض حميد کي بري ڪرڻ هو: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

فيض آباد ڌرڻو ڪميشن جي رپورٽ پڙهي مايوسي ٿي، ظاهري طور ڪميشن جو مينڊيٽ فيض حميد کي بري ڪرڻ هو: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس

چيف جسٽس ڌرڻو ڪميشن جي رپورٽ تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته آئوٽ آف وي وڃي هن جينٽلمين کي رپورٽ ۾ بري ڇو پيو ڪيو وڃي؟ ڇا ته خوبصورت اتفاق هو جو نظرثاني جون ايڏيون درخواستون داخل ٿيون، ڪنهن نظر ثاني جي منظوري ڏني هوندي، وڪيل ڪيو ويو هوندو، سڄو پيپر ٽريل ڪٿي آهي؟ هي انتهائي مايوس ڪندڙ آهي، ڇو ملڪ جو وقت ضايع ڪيو ويو

اٽارني جنرل دليل ڏنو ته ڪميشن جو سمورو فوڪس رڳو ان ڳالهه تي هو ته پنجاب مان ماڻهن کي اسلام آباد ڇو اچڻ ڏنو ويو؟ جسٽس عرفان سعادت خان چيو ته ڪميشن سڄو بار پنجاب حڪومت تي اڇلايو آهي، چيف جسٽس چيو ته ڪميشن مداخلت نه ڪرڻ تي سڄي رپورٽ پنجاب حڪومت خلاف لکي آهي

Read Previous

صدر جسٽس شوڪت عزيز جي رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حڪومت ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت کان محروم ٿي وئي

Most Popular