تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته اسان قومي اسيمبلي اسپيڪر کي ڳالهين جو ناهي چيو، حڪومت سان سڌي ريت ڳالهين جو ڪو ارادو ناهي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اپوزيشن طور اسان جون قومي اسيمبلي ميمبر سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، اسان جون ملاقاتون اوپن ۽ اسيمبلي معاملا هلائڻ يا اپوزيشن جي پارلياماني معاملن بابت هونديون آهن.
هن چيو ته اسان ڪڏهن ڪنهن ملاقات ۾ اسپيڪر کي ڳالهين جو نه چيو، نه وري اهڙو ارادو آهي، حڪومت سان سڌي ريت ڳالهيون نه ڪرڻ جي موقف تي قائم آهيون.