پيٽروليم شيون سستيون: ٽرانسپورٽرز 2 سيڪڙو تائين ڀاڙا گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽ ٿيڻ کان پوءِ ٽرانسپورٽرز به ڀاڙن ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ٽرانسپورٽرز طرفان لاهور کان ٻئي شهر جي ڀاڙن ۾ 30 کان 100 روپيه گهٽتائي ڪري ڇڏي، لاهور کان ڪراچي جو ڀاڙو 100 روپيه گهٽ ٿيڻ کان پوءِ 6350 روپيه ڪيو ويو آهي.

راولپنڊي جو ڀاڙو 70 روپيه گهٽ ٿيڻ کان پوءِ 1930 روپيه، پشاور جو 100 روپيه گهٽ ٿيڻ کان پوءِ 2400، لاهور کان ڪوئٽه جو ڀاڙو 34 سئو روپيه ۽ لورالائي جو 2750 روپيه ٿي ويو.

اهڙي طرح مري جو ڀاڙو 26 سئو کان گهٽ ٿي 25 سئو روپيه، فيصل آباد جو ڀاڙو 50 روپيه گهٽ ٿيڻ کان پوءِ 980 روپيه ۽ لاهور کان ملتان جو ڀاڙو 1750 روپيه ڪيو ويو آهي. ٽرانسپورٽرز موجب ڀاڙن  ۾ گهٽتائي جو اعلان رات 12 وڳي کان پوءِ لاڳو ٿيندو.

Read Previous

چانسلر آڪسفوڊ يونيورسٽي جي چونڊ: برطانوي اخبار جي عمران خان تي سخت تنقيد

Read Next

شهباز شريف عمران خان کي ڳالهين جي آڇ ڪئي، سندس ڪنهن به اڳواڻ جواب نه ڏنو: خواجه آصف

Most Popular