لاهور: (سومر 24 آگسٽ 2020ع) گلوڪاره ۽ اداڪاره ميگها چيو آهي ته فرقه پرستي ۽ برداشت نه ڪرڻ جوڳي عمل جي حوصله شڪني ڪندي چيو آهي ته محرم الحرام دوران مذهبي رواداري ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. ميڊيا رپورٽ موجب اداڪاره چيو ته ڪربلا جو واقعو حق ۽ سچ تي هلڻ جو درس ڏئي ٿو ۽ اڄ مسلمانن ۾ اهوئي جذبو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ميگها خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان کي فرقه پرستي ۽ برداشت نه ڪرڻ واري عمل جي حوصله شڪني ڪرڻي پوندي. هن چيو ته پنهنجي ٻارن کي ديني تعليم ۽ ڪربلا واقعي جي قربانين جي عظيم داستان جي باري ۾ ضرور ٻڌايو ته جيئن ايندڙ نسلون حق ۽ سچ جي رستي تي هلي پنهنجي زندگي ۽ آخرت کي ڪامياب بنائين.