سوشل ميڊيا تي تنقيد کان پوءِ اداڪاري ۽ ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو: ماوره حسين

ڪراچي: پاڪستاني اداڪاره ماوره حسين چيو آهي ته هڪ وقت هو جو سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد  سبب ايتري مايوس ٿي وئي هئس جو مون اداڪاري ۽ ملڪ ٻنهي کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو.موجوده دور ۾ فنڪارن جي ڪاميابي انهن جي اداڪاري کان وڌيڪ سوشل ميڊيا تي فالورز کان لڳايو ويندو آهي. جنهن اداڪار جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي سڀني کان وڌيڪ فالوورز هوندا آهن اهي سڀني کان وڌيڪ ڪامياب مڃيا ويندا آهن ۽ هن ريس ۾ اڄڪلهه پاڪستان جو تقريبن هر فنڪار شامل ٿي چڪو آهي. اڄ کان ڪجهه سال اڳ ائين نه هو پر 5 سال اڳ  ته فنڪارن کي خبر ئي نه هئي ته انسٽاگرام ڪهڙي ايپ جو نالو آهي.اداڪاره ماوره حسين جو شمار ان فنڪارن ۾ ٿيندو آهي جنهن سڀني کان پهريان انسٽاگرام تي اڪائونٽ ٺاهيو ۽ ڪافي مشهور به ٿي پر سندس مشهوري سان گڏ کيس سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي تنقيد کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اداڪاره ماوره حسين جي تازي ڏنل هڪ انٽرويو جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو شو جي ميزبان ميرا سيٺي کي ٻڌائيندي نظر اچي رهي آهي ته شروعات ۾ ڪهڙي طرح سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد سبب گهبرائجي مان ڊپريشن ۾ مبتلا ٿي وئي هئس.ماوره حسين ٻڌايو ته سوشل ميڊيا اڄڪلهه اسان جي زندگين ۾ شامل ٿي ويو آهي پر سوشل ميڊيا اڪيلو ڪجهه ناهي پر جيڪڏهن اڄ مان ڪم ڇڏي ڏيان ته منهنجو سوشل ميڊيا اڪائونٽ جو ڪوبه مطلب ناهي. تقريبن 10 سالن تائين سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ کان پوءِ مون کي احساس ٿيو ته زندگي سوشل ميڊيا تي ختم ناهي ٿيندي.واضح رهي ته ماوره حسين اڄ به سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي سڀني کان وڌيڪ فالوورز رکندڙ اداڪارائن ۾ شامل آهي ان جا انسٽاگرام تي 6.1 ملين 61 لک فالوورز آهن.

Read Previous

ايران سان جوهري معاهدو بحال ڪرڻ کان اڳ آمريڪا عرب ملڪن سان صلاح ڪري:سعودي عرب

Read Next

پي سي بي نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي لاءِ ارڙنهن رانديگرن تي ٻڌل قومي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular