نوابشاهه (رپورٹ:دانش حیدر) نوابشاھ لڳ ڳوٺ رئيس امان الله زرداري جي ڳوٺ ۾ وڏي عظيم الشان يارهين شريف ميلاد ڪئي وئي جنھن ۾ ڳوٺ جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنھن جو خطاب پير سيد سخي محمد سردار علي شاهه جيلاني خطاب ڪندي چيو ته يارھين شريف ۾ چيو ته يارھين شريف پيران پير دم دستگير جي ايصال ثواب لاءِ ڪرائي ويندي آھي يارھين شريف جي نسبت سان آھي رب پاڪ يارهين ۽ ٻارھين ھن دنيا جي ٺهڻ سان ئي رکيو ھيو مڪمل ڪائنات ۾ جيڪي ڪائنات ٺھي آھي ڏھين جو ڏينهن رات يارھين جي ھوندي آھي پيران پير دم دستگير پنهنجي ناني رسول الله صلي الله عليه وسلم جي ٻارھين جي رات درگاهه تي حاضر ھوندا ھئا ان جي ڪري ھر مھيني يارھين ۽ ٻارھين ڪئي ويندي آهي پير سيد سخي محمد سردار علي شاهه جيلاني وڌيڪ چيو ته يارھين ۽ ٻارھين ھر گھر گھر ۾ ٿيندي آھي ۽ ھر مھيني ۾ ڪندا آھيون