مورو : درگاھ پير محمد علي رح جي سجاده نشين پير خير محمد صديقي انصاف جي حاصلات لاءِ پنهنجن معصوم ٻارن سان گڏ 232 ڏينهن کان بک هڙتال تي ويٺل آهي

مورو محمد انيس ڪلھوڙو مورو ۾ درگاھ پير محمد علي رح جي سجاده نشين پير خير محمد صديقي انصاف جي حاصلات لاءِ پنهنجن معصوم ٻارن سان گڏ مورو پريس ڪلب آڏو 232 ڏينهن کان بک هڙتال تي ويٺل آهي جتي پير خير محمد صديقي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته با اثر ماڻهو درگاھ جي زمين تي قبضو ڪري قبرون مسمار ڊاهي اتان واٽر ڪورس ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ قديمي ڳوٺ جا ڪوڙا ڪاغز ٺهرائي قبضو ڪري ويا آهن اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون ڪوڙا ڪيس ڪيا ويا پوليس ۽ انتظاميه به انهن جو ساٿ ڏئي رهي آهي ڪنهن به مون سان تدارڪ نه ڪيو جنھن ڪري مان انصاف لاء پريس ڪلب آڏو بک ھڙتال تي ويٺو آهيان 232 ڏينهن گذري ويا آهن هتي ويٺو آهيان مون غريب لاءِ انصاف جا دروازا بند آهن ڪير به تدارڪ ڪرڻ وارو نه آهي ويتر مون کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن هن وزير اعظم پاڪستان عمران خان وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه آئي جي پوليس سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته با اثر ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي درگاھ ۽ ڳوٺ تان قبضا ختم ڪرايا وڃن مون سان انصاف ڪيو وڃي

Read Previous

نوابشاھ لڳ ڳوٺ رئيس امان الله زرداري جي ڳوٺ ۾ وڏي عظيم الشان يارهين شريف ميلاد ڪئي وئي

Read Next

نوشهروفيروز: بچايو ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي الله واري چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular