نوشهروفيروز: بچايو ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي الله واري چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

نوشهروفيروز: سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪم باوجود سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ وينٽيليٽر انسٽال نه ڪرڻ ۽ اسپتال کي ضلعي جو درجو نه ڏيڻ خلاف اسپتال بچايو ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي الله واري چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ۾ شامل ماڻهو اسپتال جا مسئلا حل ڪيو جا نعره هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي سول اسپتال بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن يونس راڄپر، الھدنو عمراٹی ارشاد راجپر ساجد سومرو گل مورو یوسف منگی ایاز لطیف راجپرء ٻين چيو ته سول اسپتال ۾ ايندڙ ڪيترائي مريض وينٽيليٽر نه هجڻ ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي چڪا آھن پر هاء ڪورٽ جي حڪم باوجود وينٽيليٽر انسٽال نه پيا ڪيا وڃن علاج جون بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري روزانو ايندڙ مريض سخت پريشان ٿي رهيا آهن. اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي سخت کوٽ آهي جڏهن ته پئٿالاجسٽ، دل، سرجري، نڪ، گلي، گردن، الٽرا سائونڊ ۽ ڊائلاسز سينٽر ۾ پیثالاجست سميت ماهر ڊاڪٽر مقرر نه ٿا ڪيا وڃن. اسپتال ۾ مريضن لاءِ دوائون اڻ لڀ آهن. بيمار مريضن کي ريفر ڪرڻ سميت مري ويندڙ مريضن جا لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس نه ٿي ڏني وڃي۔ هنن چيوته ڪاغذن ۾ مڪمل ڏيکاريل ٽراما سينٽر بابت اڃا تائين جاچ نه ٿي سگهي آهي. هنن چيو ته اسپتال جو آپريشن ٿيٽر مڪمل طور تي ستن سالن کان بند آهي ليبارٽري، الٽراسائونڊ ۽ ايڪسري نه ٿيا ڪيا وڃن. هنن چيو ته 31مھینن کان لاڳيتو احتجاج ڪرڻ باوجود به حڪمران سول اسپتال ڏانهن ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن جنهن ڪري مجبور ٿي شهرين رت جا ڏيئا ٻاري احتجاج ڪيو چوندیل نمائیندن جی درن تی درٹا ھنیا پر سنڌ حڪومت اڃا تائين تماشائي بڻيل آهي. هنن چيو ته سول اسپتال ۾ وينٽيليٽر انسٽال ڪر اسپتال کي اپ گريڊ ڪري سموريون طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ھنن اعلان کیو تہ 5 جنوری تی وزیر اعلی ھائوس آدو درٹو ھنیو ویندو. ٻئي پاسي سول اسپتال نوشهروفيروز کي ضلع جو درجو نه ڏيڻ خلاف سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ داخل پٽيشن تي ٻڌڻي ٿيندي، جنھن ۾ سيڪريٽري صحت، ڊي جي صحت ۽ ٻين عملدارن کي طلب ڪيو ويو آھي.

Read Previous

مورو : درگاھ پير محمد علي رح جي سجاده نشين پير خير محمد صديقي انصاف جي حاصلات لاءِ پنهنجن معصوم ٻارن سان گڏ 232 ڏينهن کان بک هڙتال تي ويٺل آهي

Read Next

ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برسات ۽ برفباري کان پوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي

Most Popular