برطانيا ۽ جرمني ۾ به عوام کي ڪورونا ويڪسين جي فراهمي جون تياريون شروع

برلن : جرمن چانسلر انجيلا ميرڪل جي چيف آف اسٽاف هيلگي برائون چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪووڊ 19 جي ويڪسينيشن جو عمل جنوري جي مُنڍ ۾ شروع ڪيو ويندو.هيلگي برائون موجب ڊاڪٽر طور مان پاڻ ان عمل جي نگراني ڪندس.يورپي يونين جون اختياريون ان ويڪسين جي حتمي منظوري لاءِ امڪاني طور 31 ڊسمبر تي فيصلو ڪنديون.جرمني ۾ عوام کي ويڪسين جي فراهمي لاءِ خاص سينٽر قائم ڪرڻ جو سلسلو به شروع ڪيو ويو آهي.هوڏانهن برطانيا ۾ به اڱاري کان عوام کي ويڪسين ڏيڻ جي مهم شروع ٿي رهي آهي.عوامي سطح تي ان ويڪسين جي حوالي سان خدشن سبب برطانوي حڪومت ماڻهن ۾ ان جي فائدن ۽ درستگي بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي.محققن جو چوڻ آهي ته اها ويڪسين 95 سيڪڙو تائين ڪارآمد آهي

Read Previous

لاهور ۽ سرگودها سان تعلق رکندڙ پنج ليگي ايم اين ايز استعيفائون قيادت ڏانهن اماڻي ڇڏيون

Read Next

ڇا نيلم منير به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي؟

Most Popular