اسلام آباد: عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سبب پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 3 روپيه في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي. پهرين ڊسمبر کان هينئر تائين عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون 5 سيڪڙو تائين وڌي چڪيون آهن. ريفائنري ذريعن جي انگن اکرن موجب اهڙي طرح عالمي منڊي جي لحاظ سان هينئر تائين پيٽرول 6 روپيه 88 پئسا جڏهن ته هاءِ اسپيڊ 5 روپيه 24 پئسن تائين مهانگو ٿي چڪو آهي. ماهرين موجب حڪومت عوام کي ريليف ڏيڻ جي خاطر پيٽروليم ليوي ۾ گهٽتائي ڪري پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 3 روپيه جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 2 روپين تائين واڌ ڪري سگهجي ٿي. حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هيٺ مٿانهين جو اعلان 15 ڊسمبر تي ڪندي جڏهن ته اهڙو فيصلو 16 ڊسمبر کان لاڳو ٿيندو.