نيپرا بجلي هڪ روپيو يارنهن پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد:  نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) بجلي جي قيمتن ۾ هڪ مهيني لاءِ هڪ روپيو 11 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي آهي. نيپرا موجب قيمتن ۾ واڌ سيپٽمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي. بجلي جي اگهن ۾ واڌ سبب صارفين تي 12 ارب روپين کان وڌيڪ جو وزن پوندو. صارفين کان اضافي وصولي ڊسمبر جي بلن ۾ ڪئي ويندي. ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين مٿان بجلي جي قيمتن جو اعلان لاڳو نه هوندو. ان کان اڳ حڪومت صنعتي صارفين جي لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ 4 روپيه 96 پئسا في يونٽ گهٽتائي ڪري ڇڏي جنهن جو نيپرا نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. نيپرا جي جاري ڪيل نويفڪيشن موجب صنعتي صارفين جي لاءِ بجلي 12.96 روپين کان گهٽ ٿي 8 روپيه في يونٽ مقرر ڪيو ويو هو. صنعتي صارفين جي لاءِ رعايتي پيڪيج 8  مهينن جي لاءِ جاري ڪيو ويو. بجلي جي قيمتن ۾ گهٽٽائي جو اعلان پهرين نومبر 2020 کان 30 جون 2021 تائين هوندو. جڏهن ته رعايتي پيڪيج جو اعلان ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي صنعتي صارفين تي ٿيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ريليف پيڪيج تحت صنعتي صارفين تي 8 مهينا فيول پرائس ايڊجسمنٽ به لاڳو نه هوندو. جڏهن ته فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ريليف صنعتي صارفين کي ملندو.

Read Previous

چين پاڪستان کي سعودي قرض جي واپسي لاءِ ڏيڍ ارب ڊالر ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

Read Next

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 3 روپيه في ليٽر واڌ جو امڪان

Most Popular