ڪشمور ٽائون ڪاميٽي مان برطرف ٿيل ملازمن جو ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ شھيدن جي مزار آڏو احتجاج بک ھڙتال

ڪشمور(رپورٽ اعجاز احمد چنہ ) ڪشمور ٽائون ڪاميٽي مان برطرف ٿيل ملازمن جو ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ شھيدن جي مزار آڏو احتجاج بک ھڙتال. اسان کي بحال ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي صورت ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پاڻ ساڙڻ جو چتاء. تفصيل موجب ڪشمور ٽاون ڪاميٽي مان بيدخل ڪري پگھارون بند ڪرڻ خلاف پ پ پ ڪارڪنن ۽ ملازمن جو شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار آڏو احتجاج ڪري بک ھڙتال ڪري سخت نعري بازي ڪندي بحالي جو مطالبو ڪيو ـ احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ پ پ اڳواڻ ڪامريڊ شيرو جکراڻي معشوق کوسو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته پيپلز پارٽي جڏهن به اقتدار ۾ ايندي آھي روزگار فراھم ڪري بيروزگاري خلاف جنگ ڪندي آھي پر افسوس سنڌ ۾ پ پ حڪومت ھجڻ باوجود ٽي ايم او ڪشمور ۽ اسسٽٽ ڪمشنر پنهنجي من ماني ڪري ٽاون ۾ ملازمت ڪندڙن کي بنا ڪنهن سبب جي برطرف ڪري غريبن ۽ مسڪينن جي گھرن ۾ ھلندڙ چلھا بند ڪري فاقاڪشي تي مجبور ڪري پنهنجن من پسند ماڻهن کي پگھارون جاري ڪري پ پ مخالفت تي لھي آيا آھن. ھنن پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙو, پ پ ضلعي صدر مير گل محمد جکراڻي, ايم اين اي ڪشمور سردار احسان الرحمن مزاري, ايم پي اي ڪشمور کي اپيل ڪندي چيو ته بدمست ٽي ايم او ڪشمور جي من ماني جو نوٽيس وٺي برطرف ڪيل ملام بحال ڪيا وڃن اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي اسان کي بحال نه ڪيو ويو ته ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پنهنجن ٻارن سان گڏ پنهنجي مٿان پيٽرول ھاري باھ ڏينداسين اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

خيرپور: پ ٽ الف ضلعي خيرپور جو اجلاس ضلعي صدر استاد مختيار احمد سولنگي جي صدارت ۾ پرائمري اسڪول شاهه لطيف ۾ ٿي گذري

Read Next

سانگهڙ: برادري ۾ ڪاوڙ جي لهر متاثرين، احتجاج سخت نعري بازي ملزمن کي گرفتار ڪرڻ جي اپيل

Most Popular