نوابشاهه : فوزيه رسول جيڪي ڊي ايچ او يار علي جمالي تي حراسمينٽ جا الزام لڳايا آھن

نوابشاهه(رپورٹ:دانش حیدر) نوابشاهه ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيس شھيد بينظير آباد ۾ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر نيشنل پروگرام تي مقرر فوزيه رسول اعواڻ پاران ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر شھيد بينظير آباد ڊاڪٽر يار علي جمالي تي مبينا حراسمينٽ ڪرڻ ۽ ڊپٽي ڊي ايچ او ڊاڪٽر امينا بروھي تي کيس تنگ ڪرڻ جا الزام لڳائڻ خلاف ضلعي شھيد بينظير آباد جي ايل ايچ ايس فھميدہ ڪيريو، شازيه چانڊيو، سلمه چنڙ، ناھيد ميمڻ ۽ ٻين ڊي ايچ او آفيس آڏو احتجاج ڪندي چيو ته فوزيه رسول جيڪي ڊي ايچ او يار علي جمالي تي حراسمينٽ جا الزام لڳايا آھن اھي سراسر ڪوڙا آھن فوزيه رسول خود جعلي آرڊر ذريعي بھرتي ٿي ۽ ھن ٻن سالن ۾ جعلي پروموشن وٺي 14 اسڪيل ۾ پھتي ۽ ھاڻ جڏھن ھو ڪوڙن ڪاغذن جي ڪري پڪڙجي پئي آھي ۽ سندس نوڪريءَ کي خطرو آھي ھو ڊي ايچ او يار علي جمالي ۽ امينا بروھي تي ڪوڙا الزام لڳائي رھي آھي جنھن جي اسان مزمت ڪيون ٿا، ڊي ايچ او شھيد بينظير آباد ڊاڪٽر يار علي جمالي ٻڌايو ته فوزيه رسول پنج جولائي 2010 ۾ مائڪرو اسڪوپيسٽ جي سيٽ تي سڌي طرح ڀرتي ٿي ۽ ٻن سالن اندر ھو 6 اسڪيل مان 14 اسڪيل ۾ پھتي جنھن تي ڊاڪٽر امينا بروھي سندس خلاف شڪايت ڪئي جنھن تي سندس خلاف ڊي جي ھيلٿ پاران ٽي رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي جنھن جي انڪوائري ھلندڙ آھي جتي فوزيه رسول پنھنجا درست نوڪري ۽ پروموشن جا ڪاغذ جمع نه ڪرائي سگھي آھي جنھن جي ڪري سندس خلاف ڪاروائي ٿيڻ واري آهي جنھن سبب ھو بوکلائجي مون تي ڪوڙا الزام لڳائي رھي آھي منھنجي سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي ڪندڙ خلاف مان جلد سائبر ڪرائيم تحت ايف آئي اي ۾ درخواست داخل ڪرائندس، ڊپٽي ڊي ايچ او ڊاڪٽر امينا بروھي ٻڌايو اسان جي رڪارڊ موجب فوزيه رسول اسان جي صحت کاتي جي ملازم ئي ناھي ۽ ھن وٽ ٻه شناختي ڪارڊ ٺھيل آھن ۽ اڳوڻي ڊي ايچ او ڊاڪٽر بھادر کيڙو مٿيس ايتري نوازش ڇو ڪئي جو سندس 6 گريڊ نوڪري رکڻ ۾ سندس اختيار ئي ناھي ته ھن ايڏي مھرباني ڪري فوزيه رسول کي نوڪريءَ ڏيڻ سان گڏ کيس ٻن سالن ۾ جعلي پروموشن ڏئي کيس 14 اسڪيل ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري پنھنجي اختيارن کي اورانگيو آھي جڏھن سندس ڀيڻ صبا رسول پڻ ايل ايچ وي جي ڪوڙن سرٽيفڪيٽن ذريعي 9 سالن کان سرڪاري خزاني مان پگھار کڻي رھي آھي پر سندس ڪو وجود ئي ناھي ۽ نه سندس ڪٿي ڊيوٽي آھي ھن چيو فوزيه رسول ۽ صبا رسول کي غير قانوني طور نوڪريون ڏيندڙ ڊاڪٽر بھادر کيڙو خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گھرجي، ھوڏانھن الزام لڳائيندڙ فوزيه رسول چيو ته مونکي ڊي ايچ او تنگ ڪندو رھندو ھيو ۽ ھن مونکي موبائل غير اخلاقي ميسيج ڪيا جيڪي مونکان غلطي ۾ ڊليٽ ٿي ويا ھن چيو منھنجي نوڪري جا آرڊر ڪوڙا ناھن ھن چيو ته مونسان انصاف نه ٿيو ته مان نواب شاه پريس ڪلب ٻاهران پاڻ کي باھ ڏيندس، ٻئي طرف الزام ھيٺ آيل اڳوڻي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر بھادر کيڙو چيو ته فوزيه رسول جا آرڊر ۽ پروموشن قانون موجب آھن ۽ صبا رسول جو جيڪڏهن سرٽيفڪيٽ ڪوڙا آھن ته ھن وقت جا آفيسر ان تي فراڊ ڪرڻ جو ڪيس يا ڪاروائي ڪري سگھن ٿا، ھن چيو ته مون جيڪو پنھنجي وقت ۾ ڪم ڪيو اھو قانون موجب ڪيو آھي.

Read Previous

خيرپور ناٿن شاه يوسي ڇوڙ قمبر ۾ ٿرديپ خيرپور ناٿن شاه ٽيم پاران جاڳرتا سيمينار

Read Next

سال ٻه هزار ويهه دوران پاڪستان ۾ ٿيندڙ اهم واقعن تي هڪ نظر

Most Popular