عامر لياقت جي وارث آهيان، دانيا وري عدالت پهچي وئي

مرحوم عامر لياقت جي گهرواري دانيا قبرڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.
دانيه بي بي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪندي چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو 12 سيپٽمبر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، جڊيشل مئجسٽريٽ جو فيصلو بحال ڪري عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
درخواستگذار دانيا ايڊيشنل سيشن جج، مئجسٽريٽ ۽ سيڪريٽري صحت کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قانون جي نظر ۾ برقرار نه ٿو رکي سگهجي، سنڌ هاءِ ڪورٽ حقيقتن جو صحيح جائزو نه ورتو آهي.
عامر لياقت جون اڳوڻيون زالون پوسٽ مارٽم نه ٿيون چاهين، عامر لياقت حسين جي موت جو ڪارڻ ڄاڻڻ ضروري آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عامر لياقت جي زال هجڻ جي ڪري سندس لاڏاڻي بعد مان وارث آهيان، عامر لياقت جي ٻارن ۽ اڳوڻين زالن ملڪيتن تي ناجائز قبضو ڪيو آهي.

Read Previous

عمران خان پڪڙجڻ جي خوف کان سائفر ئي گم ڪري ڇڏيو: مريم نواز

Read Next

تصوير ڏسي ٻڌايو ته ٻار جي ماءُ ڪهڙي آهي؟ جواب خبر ۾ به موجود اٿوَ

Most Popular