تصوير ڏسي ٻڌايو ته ٻار جي ماءُ ڪهڙي آهي؟ جواب خبر ۾ به موجود اٿوَ

انٽرنيٽ تي اڪثر منفرد ۽ دلچسپ تصويرون گردش ڪنديون آهن، جيڪي واهپيدارن جي ڌيان جو مرڪز بڻجنديون آهن.

تصويرن ۾ سوال پڻ هوندا آهن، انهن ۾ ڪجهه شيون لڪيل هونديون آهن، جيڪي توهان کي ڳولڻيون پونديون آهن، ان کانسواءِ ڪجهه تصويرن ۾ غلطين جي نشاندهي به ڪرڻي پوندي آهي.

اسان جي طرفان به توهان لاءِ هڪ تصوير پيش ڪئي وئي آهي، جنهن کي ڏسي توهان کي درست جواب ڏيڻو آهي.

تصوير ۾ توهان ڏسي سگهو ٿا ته ٻه عورتون ڪرسي تي ويٺيون آهن ۽ هيٺ هڪ ٻارڙو رانديڪن سان کيڏي رهيو آهي.

تصوير ڏسي توهان کي ٻڌائڻو آ ته ٻار جي ماءُ ڪهڙي آهي؟

جيڪڏهن توهان ٻار جي ماءُ نٿا سڃاڻي سگهو ته اسان توهان کي اشارن ۽ نشانين سان ٻڌايون ٿا ته ٻار جي ماءُ ڪهڙي آهي.

تصوير ۾ ساڄي پاسي واري عورت ڪرسي کي ٽيڪ ڏئي ويٺي آهي، جڏهن ته کاٻي پاسي وري ٿوري نِوڙيل نظر اچي رهي آهي ته جيئن ٻار کي ڪجهه ٿئي ته فوري طور ان کي کڻي وٺي.

ٻيو اشارو اهو آهي ته ٻار جو رُخ به کاٻي پاسي واري عورت ڏانهن آهي ۽ ٻار اڪثر ماءُ ڏانهن مُنهن ڪري ويهندو آهي.

ٽين نشاني اها آهي ته تصوير ۾ نظر ايندڙ ٻار ۽ کاٻي پاسي واري عورت جا وارَ هڪ ئي رنگ جا آهن، جنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته اها ئي سندس ماءُ آهي.

Read Previous

عامر لياقت جي وارث آهيان، دانيا وري عدالت پهچي وئي

Read Next

آرڊي 186 ۾ گئس ڳولا ڪندڙ بي جي پي ڪمپني پاران ڪيل بم ڌماڪن خلاف علائقي جي رھواسين جو احتجاج

Most Popular