جاتي تعلقي اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي جو احتجاج

جاتي(رپورٽ: محمد موسيٰ ٿهيم) تعلقي اسپتال جاتي ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ بنيادي سھولتون نه ھئڻ خلاف شھري ايڪشن ڪميٽي جاتي جي اڳواڻن عادل لغاري عبدالرشيد جت. عارف ملاح ۽ جاتي بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻ جي ايم کٽي جي اڳواڻي ۾ اسپتال جي گيٽ اڳيان مظاھرو ڪيو.

ان موقعي تي مظاهرين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته تعلقي جي وڏي اسپتال جتي روزانو سوين مسڪين مريض علاج لاء اچن ٿا پر داڪٽرن جي کوٽ سبب دربدر ٿي واپس وڃن ٿا.

هنن چيو ته اسپتال ۾ بنيادي سھولتون جي اڻھوند آھي، پيئڻ جي پاڻي جي قلت سبب غريب مريض ڏوڪڙن تي منرل واٽر ٿا وٺن.

اڳواڻن وڏي وزير، صحت جي وزير ۽ ڊي ايڇ او ھيلٿ کي اپيل ڪئي ته تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ کي ختم ڪري بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن ته جيئن مسڪين ماڻھو لاڀ حاصل ڪري سگھن.

Read Previous

سنڌ جي وحدت ۽ سنڌي قوم جي خودمختياري خلاف هميشه سازشون ٿيون آهن،قادر مگسي

Read Next

دادو ۾ ايس ايس پي جي کلي ڪچهري، شهرين بدامني بابت شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا

Most Popular