دادو ۾ ايس ايس پي جي کلي ڪچهري، شهرين بدامني بابت شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا

دادو (رپورٽ: سخي سردار چارڻ ) دادو ۾ ڊي ايس پي سٽي جي آفيس ۾ ايس ايس پي ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو پاران کلي ڪچھري منعقد ڪئي وئي.

کلي ڪچھري ۾ ضلعي جي مختلف شھرن، ڳوٺن جي ماڻھن، واپارين سماجي ڪارڪنن ، صحافين ۽ پوليس جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

ڊي ايس پي سٽي عبدالخالق وڳڻ کلي ڪچھري ۾ اسٽيج جي ڪارروائي ھلائي، ماڻھن جي درخواستن کي ايس ايس پي سڌي ريت ٻڌو ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ ھدايتون جاري ڪيون.

کلي ڪچھري ۾ سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي صدر ڪامران ڪورائي نوجوان شھري دانش جمالي جي قتل واقعي سميت صحافين جي چورين بابت ايس ايس پي کي شڪايتون ڪيون.

ڪيترن ئي شھرين امن وامان جي صورتحال تي پڻ ڳڻتي جو اظھار ڪيو، جنھن تي ايس ايس پي دادو عوام سان مخاطب ٿيندي چيو ته شھيد دانش جمالي جا قاتل گرفتار ڪيا ويا آھن، قانون مطابق ڪيس جي پوليس پوئيواري ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته دادو پوليس امن امان کي بحال رکڻ لاءِ بھادري سان ڏوھارين خلاف ڪاروايون ڪري رھي آھي، اسان منشيات فروشن خلاف سڄي ضلعي ۾ آپريشن شروع ڪيو آھي، جنھن ڪري ھر شھر ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آھن.

Read Previous

جاتي تعلقي اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي جو احتجاج

Read Next

مومل خالد جون نرالي انداز واريون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل

Most Popular