جوفرا آرچر جو ايشيز کان اڳ ريڊ بال ميچ کيڏڻ جو ڪوبه امڪان ناهي، سسيڪس ڪوچ

Jofra Archer

سسيڪس جي هيڊ ڪوچ پال فاربريس چيو آهي ته انگلينڊ جي فاسٽ بالر جوفرا آرچر جو آسٽريليا خلاف ايشز سيريز کان اڳ ريڊ بال ميچ کيڏڻ جو امڪان ناهي.

آرچر، جنهن 2019 جي ايشز سيريز ۾ انگلينڊ لاءِ 22 وڪيٽون ورتيون، ڪلهي ۽ چيلهه جي تڪليف سبب فيبروري 2021 کان هڪ به ٽيسٽ نه کيڏيو آهي.

27 سالن جو فاسٽ بالر 17 مهينا ٻاهر رهڻ کانپوءِ جنوري جي آخر ۾ واپس آيو پر ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ سسيڪس لاءِ نه کيڏندو، جڏهن ته جمعه کان شروع ٿيندڙ انڊين پريميئر ليگ ٽي 20 ٽورنامينٽ ۾ ممبئي لاءِ کيڏندو.

پال فاربريس چيو ته منهنجو خيال آهي ته سڀ شيون برابر آهن، هو آءِ پي ايل کان پوءِ سڌو ايشز ۾ ويندو.

منهنجو خيال آهي ته هن جو منصوبو آهي ته آءِ پي ايل ميچن جي وچ ۾ هو پنهنجي اوورز کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڊگهو اسپيل بالنگ ڪندو ۽ يقيني بڻائيندو ته هو ميچ لاءِ تيار آهي.

Read Previous

ناٽنگهم شائر ٽي-20 سيزن لاءِ شاهين شاهه آفريدي سان معاهدو ڪري ورتو

Read Next

بابر اعظم ۽ حارث رئوف روحاني سفر جا لمحا مداحن سان شيئر ڪيا

Most Popular