آمريڪا جي ڏکڻ ۽ وچ اولهه وارن شهرن ۾ طوفاني هوائن جي نتيجي ۾ 26 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
آمريڪا جي ڪيترين ئي رياستن ۾ زبردست طوفان تباهي مچائڻ کانپوءِ گهر تباهه ٿي ويا آهن ۽ هزارين ماڻهو بجلي کان محروم ٿي ويا آهن.
واشنگٽن پوسٽ موجب 60 کان وڌيڪ طوفان جون رپورٽون رڪارڊ ڪيون ويون، آرڪنساس، ٽينيسي، ايليينوس، انڊيانا، الاباما ۽ مسسيپي سميت سڀني رياستن مان فوتگين جون خبرون آيون آهن.
وين، آرڪنساس، رياست جي گاديءَ جو هنڌ لٽل راڪ کان اٽڪل 100 ميل (170 ڪلوميٽر) اوڀر ۾ هڪ طوفان آيو.