راڌڻ ڀرسان بدامني ۽ ڏوهارين کي رشوت عيوض ڇڏڻ خلاف ميهڙ روڊ تي ڌرڻو

radhan protest

راڌڻ (رپورٽ: ھريش ڪمار) راڌڻ ڀرسان شهري اتحاد وڌندڙ بدامني ۽ ڏوهارين کي رشوت عيوض ڇڏڻ خلاف ميهڙ روڊ تي ڌرڻو هنيو.

ممتاز مينگل فراز ميراڻي، شبير منگي، فيروز ناريجو، نزاڪت کوسو، صدر جانوري ۽ قمر کوکر جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو.

سوين شهرين نٽهڻ اس ۾ ڇھن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.

ڌرڻي دوران هڪ صحافي ۽ شهري اتحاد جو پريس سيڪريٽري خادم زخمي ملاح بيهوش ٿي ويا، جن کي جوس پياري هوش ۾ آندو ويو.

ايس ايڇ او ٿرڙي محبت آصف ميراڻي ۽ وڏي منشي مظفر مگسي ڳالهيون ڪرڻ اڳواڻن کان 5 ڏينهن جي مهلت وٺي احتجاج ختم ڪرايو.

Read Previous

قاضي احمد ۾ رئيس علي نواز انڙ جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جتوئي چئلينجرز کٽي ورتو

Read Next

مڪلي ۾ ڳوٺاڻن جو بي دخلي ۽ بااثرن جي ظلم خلاف احتجاج

Most Popular