سجاول ۾ صوبائي سيڪريٽري جي روانگي شرط بچت بازار ۾ لڳل اسٽال خالي

Sijawal Stall

سجاول (رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ بابت مقرر ڪيل فوڪل پرسن ۽ انساني حقن وارو صوبائي سيڪريٽري صبغت ﷲ مھر سجاول پھتو، جتي ھن پبلڪ پارڪ ۾ قائم ڪيل رمضان بچت بازار جو دورو ڪيو.

صوبائي سيڪريٽري صبغت الله مھر جي دوري وقت سجاول انتظاميا پاران کيس مامون بڻائيندي پھريون ڀيرو بچت بازار ۾ مڇيءَ، سبزين جا اسٽال، يوٽيلٽي اسٽور اسٽال ۽ سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ويا، جيڪي صوبائي وزير جي واپسي بعد سامان ويڙھي واپس روانا ٿي ويا.

ٻئي پاسي بچت بازار ۾ خريداريءَ لاءِ آيل شھرين جو چوڻ ھو تہ پوري رمضان جي مھيني ۾ پھريون ڀيرو مڇي،سبزي، يوٽيلٽي اسٽور ۽ سستي اٽي جا اسٽال ڏسي رھيا آھيون.

انھن جو چوڻ ھو ته رمضان بچت بازار ۾ شين جي قيمتن ۾ نالي ماتر رعايت ڏني پئي وڃي جيڪا انتھائي ناڪافي آھي.

بچت بازار ۾ سرڪار پاران خصوصي سبسڊي ڏئي سستي اگھ تي کاڌي پيتي جون شيون عوام کي مھيا ڪيون وڃن جيئن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ رمضان المبارڪ جي بابرڪت مھيني ۾ غريب عوام سک جو ساھ کڻي سگھي.

Read Previous

جهمپير جي سماجي اڳواڻ پاران 22 معذور ماڻهن جي عيد تي سهائتا جي خاطري

Read Next

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ آپريشن، ايس ايڇ او شهيد، ڊي ايس پي سوڌو 2 اهلڪار زخمي

Most Popular