دادو ۾ سيوا جي سڏ تي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

dadu protest

دادو (رپورٽ: سخي سردار چارڻ ) سيوا الشھباز سنڌ يونيورسٽي ملازمن جي تنظيم جي مرڪزي سڏ تي محترمه بينظير ڀٽو شھيد ڪيمپس دادو ۾ ملازمن پاران مسئلن جي حل لاء به احتجاجي مظاھرو ڪيو.

هنن چيو ته انتظاميه غير سنجيدہ بڻيل آهي، عيد گريشه جيڪا اسان ملازمن کي ھر عيد تي ڏني ويندي آھي ۽ ان سان اسين پنھنجي ڪٽنب سان ھن منھگائي واري دور ۾ عيد ڪندا آھيون.

هنن چيو ته ھي اسان جو حق آھي ليڪن ھر ڀيري وانگر اسان کي عيد گريشه ڏيڻ لاء انتظاميا بھانا ڪري ملازمن جو حق مارڻ جي ڪوشش ڪندي آھي.

پورھيت ملازمن انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد عيد گريشه ۽ اسان جا ٻيا جائز مطالبا پورا ڪري ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

Read Previous

پ پ مينارٽي ونگ سکر ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري راجڪمار واڌواڻي جي بلاول ڀٽو سان ملاقات

Read Next

تلهار ڀرسان ڪراچي واسي ٻن واپارين کي هرکائي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

Most Popular