حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پروفيسر اجمل ساوند جي قتل ۽ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ارصلا بھلڪاڻي جي ڪڻڪ جي ديرن کي باھيون ڏيڻ وارن واقعن جي مذمت ڪندي چيو آھي ته قبيلائي دھشتگردي وڏو ناسور آھي.
حڪومت قانون جي حڪمراني بدران جرڳائي نظام کي طاقتور بنايو آھي، جنھن ڪري قبيلائي دھشتگردي ۾ معصوم نياڻيون، نوجوان ۽ پروفيسر اجمل ساوند جھڙا اعلي تعليم يافته نوجوان به قتل ٿي وڃن ٿا.
قبيلائي دھشتگردي ۾ انھن ماڻھن کي نشانو بنايو وڃي ٿو جيڪي حڪومتي پاليسين خلاف ڳالھائين ٿا، جدوجھد ڪن ٿا، علم ۽ عقل جي ڳالھ ڪن ٿا، تبديلي، قانون، آئين، انصاف تعليم ۽ سائنس جي ڳالھ ڪن ٿا.
اياز لطيف پليجي چيو تہ ارصلا بھلڪاڻي ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ ڪرپشن، لاقانونيت، عورتن جي حقن، نوجوانن ۾ سجاڳي جو ڪم ڪيو آھي، جنھنڪري ارصلا بھلڪاڻي جي آواز کي دٻائڻ، قومي عوامي تحريڪ جي جدوجھد کي چٿڻ لاءِ ڪڻڪ جي ديري کي باھ ڏئي ساڙيو ويو آھي، ھن کان اڳ ۾ ارصلاج مٿان قاتلاڻا حملا ڪيا ويا.
اياز لطيف پليجي چيو ته قبيلائي دھشتگردي ۾ ملوث ماڻھو سنڌ جا، انسانيت جا، علم ۽ شعور، قانون، انصاف، امن برابري جا دشمن آھن. پيپلز پارٽي حڪومت 15 سالن کان انھن کي تحفظ ڏئي رھي آھي.
اياز لطيف پليجي چيو ته پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. ارسلا بھلڪاڻي جي زندگي کي خطرو آھي، ڪڻڪ جي ديرن کي باھ ڏئي لکين روپين جو نقصان ڏئي ساڙيو ويو. نقصان جو معاضو ۽ ازالو ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.