ميرپورخاص(بيورو رپورٽ)ميرپورخاص جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج غلام قادر تنيو قتل جي ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار ڪيول ڪولهي کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ياد رھي ته 13 مھینا اڳ جھلوري لڳ حسن ڀڳت ڳوٺ ۾ جوابدار ڪيول ڪولھي پنھنجي زال ٻن معصوم ٻارن جي ماءُ شريمتي مڻي ڪولھي کي گھرو اڻبڻت سبب قتل ڪيو ھو ۽ سندس خلاف اھڙو ڪيس تعلقي ٿاڻي تي داخل ٿيو ھو .