پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور جو هڪ ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ڪيترن ئي پليٽ فارمن تي وائرل ٿيندڙ آڊيو ۾ علي امين گنڊاپور ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو ته اسلام آباد تي قبضو ڪيو ويندو، هن اسلام آباد پوليس کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جي به ڌمڪي ڏني.

پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ ڊيوٽي مئجسٽريٽ ٻڌڻي شروع ڪئي، جنهن ۾ پراسيڪيوٽر علي امين گنڊاپور جي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي.

عدالت 5 ڏينهن جي درخواست رد ڪندي علي امين کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

مئجسٽريٽ پوليس کي گنڊاپور کي سڀاڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هڪ ڏينهن اڳ ڊيرا اسماعيل خان جي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت گنڊاپور کي اسلام آباد پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، سندس خلاف گولڙا پوليس ۾ دهشتگردي ۽ غداري جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

Read Previous

پنجاب اسيمبلي جي چونڊن بابت وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس

Read Next

پنجاب ۾ چونڊن جي صورتحال، عمران خان پارٽي قيادت جو اجلاس طلب ڪري ورتو

Most Popular