جيڪب آباد ۾ هانءُ ڏاريندڙ واقعو، گهر اندر ٻه ڀائر قتل، لاش پيتيءَ مان هٿ

jcb qatal

جيڪب آباد(رپورٽ محمد بلال ميمڻ ) جيڪب آباد جي اي ڊي سي ڪالوني ۾ ھانون ڏاريندڙ واقعو ٻن معصوم ٻائرن جا پيٽي مان بند لاش مليا.

سول لائن ٿاڻي جي حد اي ڊي سي ڪالوني ۾ افسوس ناڪ واقعو پرويز ميراڻي جي گھر مان ٻن معصوم ڀائرن جا لاش پراسرار نموني گهرجي پيتي مان هٿ 12 ورهين جو غلام شبير ۽ سندس 10 ورهين جي معصوم ڀاء محمد اويس ٻئي پٽ پرويز ميراڻي جا لاش گهر ۾ پيل پيتي مان هٿ آيا.

اطلاع تي پوليس پھچي معصوم ڀائرن جا لاش کڻائي سول اسپتال آندا، جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

ان سلسلي ۾ ٻن فوتي معصومن جي امڙ مسمات سمينا ميراڻي چيو ته منهنجو مڙس جائن جو مستري آهي ۽ مان گهرن م ڪم لا۽ ويندي هئس گهر ۾ ڪير به نه هو، لڳي ٿو ته منهنجي پٽن کي قتل ڪري پيتي ۾ لاش رکيا آهن.

Read Previous

پاڻمرادو نوٽيس تي ئي اسان جي حڪومت وئي، تڏهن ٺيڪ، هاڻي غلط آهي؟: عمران خان

Read Next

حيدرآباد ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙن جو نوڪريون نه ملڻ خلاف احتجاج

Most Popular