ٺٽي ويجهو ڪينجهر ڪناري تي ڏاڏا آدم گندرو جي والد جي پهرين ورسي تقريب

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ڏاڏا آدم گندرو ۽ سينيئر استاد حبيب الله گندرو جي والد مرحوم حاجي محمد اسماعيل گندرو جي پھرين ورسي تقريب سونڊا لڳ ڪينجھر ڍنڍ ڪناري سونھري ڳوٺ ۾ منعقد ڪئي ويئي.

قرآن خواني ڪرائي افطار بعد ننگر نياز ڪري مرحوم جي مغفرت لاء خصوصي دعائون گھريون ويون، جنھن ۾ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري مرحوم جي ڪيل خدمتن تي روشني وڌي.

ان موقعي تي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري مولوي عبدالقدوس احمداڻي ۽ غلام شفيع سمون چيو ته رمضان جو ڀلارو مھمان مھينو آھي، جنھن جو مسلمانن کي احترام ڪري سمورا روزا رکڻ گھرجن.

ھنن چيو ته اسانجي ملڪ جي حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ملڪ جو ڏيوالو ڪڍيو پيو وڃي، جنھن ڪري مھنگائي، بيروزگاري ۽ بدامني ۾ اضافو ٿيو آھي، جنھن جا زميوار موجودہ حڪمران آھن.

ھنن گھر ڪئي تہ ملڪ مان مھنگائي، بيروزگاري، بدامني جو خاتمو آڻي عوام لاء نوان روزگار جا موقعا فراھم ڪيا وڃن، جيئن ملڪ جو عوام سڪون واري زندگي گذاري سگھي.

ھنن چيو تہ مرحوم حاجي محمد اسماعيل گندرو جون خدمتون ساراھ جوڳيون آھن، جنھن سڄي زندگي جماعت اسلامي کي ارپي ھڪ ڪارڪنن جي حيثيت سان پارٽي کي ضلعي اندر مضبوط ڪري عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪري انھن کي پنھنجا حق ڏياريا آھن، سندس خدمتون ھميشہ ياد رکيون وينديون.

ان موقعي تي ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو ۽ سندس ڀاء حبيب الله گندرو چيو ته ھو پنھنجي والد مرحوم کي ڪڏھن بہ وساري نٿا سگھن، ان جي محنتن جي نتيجي ۾ ھي ھن منزل تائين پھتا آھن، سندن والد محمد اسماعيل گندرو جن کين وڏا ڪشالا ڪڍي تعليم ڏيارڻ سميت ڳوٺ جي ٻين به ڪيترن ئي ڇوڪرن کي مفت تعليم ڏياري، جنھن جون خدمتون اسان ڪڏھن بہ وساري نٿا سگھون.

Read Previous

واٽس ايپ اضافي سيڪيورٽي فيچرز جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

آءِ ايم ايف وٽ هاڻي ڊيل نه ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي: شهباز شريف

Most Popular