قومي چونڊن جي ڳالهه ڪرڻي آهي ته ڪريو، صوبائي چونڊون ٿي رهنديون: فواد چوڌري

fawad

لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته قومي اليڪشن جي ڳالهه ڪرڻ چاهيو ته ڪريو، باقي صوبائي چونڊون ٿي رهنديون.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته مان سمجهان ٿو ته شهباز شريف کي هوش ۾ اچڻ گهرجي، هاڻي قربان ٿيڻ وارو آهي، سپريم ڪورٽ سامهون اهڙيون حرڪتون ڪرڻ درست ناهي، انهن سان صلاح مشورا ڪرڻ گهرجن، کين هر صورت ۾ اليڪشن ڪرائڻي پوندي.

هن چيو ته جيڪڏهن چونڊون نه ٿيون ته پوءِ پاڪستاني قوم کي اسلام آباد اچڻو پوندو، جيڪڏهن قومي اليڪشن جي ڳالهه ڪرڻي آهي ته ڪريو، پر صوبائي اليڪشن ٿيندي رهندي.

هن چيو ته پرڏيهي پاليسي سڀ کان وڌيڪ ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ هن وقت پاڪستان جي سلامتي خطري ۾ آهي، ان ڪري پاڪستان جي بقا لاءِ سڀني جو گڏ ويهڻ ضروري آهي پر آئين خلاف هڪ ميز تي نٿو ويهي سگهجي.

فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ٿيو ته 22 ڪروڙ عوام جي حقن جي ڀڃڪڙي ٿيندي، انهن ڌاڙيلن توشه خاني جو رڪارڊ به غائب ڪري ڇڏيو آهي، هاءِ ڪورٽ کي گذارش آهي ته ڊگهي تاريخ نه ڏني وڃي پر توشه خاني کي طلب ڪيو وڃي.

Read Previous

وفاقي ڪابينا اليڪشن فنڊز جي فراهمي جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

سعودي عرب اسان کي ٻه ارب ڊالر وڌيڪ ڏنا آهن: وزيراعظم

Most Popular