جاپان روس کي استعمال ٿيل ڪارن جي برآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.
جاپان هر سال 2 بلين ڊالر جون استعمال ٿيل گاڏيون روس کي برآمد ڪري ٿو، جن تي پابندي لڳائي وئي آهي.
جاپان کان روس کي استعمال ٿيل ڪارن جي برآمد تي پابندي يوڪرين-روس جنگ جي نتيجي ۾ لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ روس ۾ جاپاني ڪارن جي وڏي گهرج آهي.
روس کي استعمال ٿيل گاڏين جي برآمد تي پابندي سان جاپان ۾ رهندڙ پاڪستاني واپاري به متاثر ٿيندا.
پاڪستان جاپان بزنس ڪائونسل جي صدر رانا عابد حسين جو چوڻ آهي ته جاپان ۾ رهندڙ 20 هزار پاڪستانين مان 15 هزار پاڪستاني استعمال ٿيل گاڏين جي واپار سان وابسته آهن.
سندس چوڻ آهي ته جاپان ۾ 15 هزار پاڪستاني سڄي دنيا ۾ 2 ارب ڊالرن جون گاڏيون ايڪسپورٽ ڪن ٿا.