عالمي بينڪ غربت ختم ڪرڻ جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو بجيٽ اڻپورو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
عالمي بينڪ پاڪستان ۾ غربت جي حوالي سان چيو آهي ته گذريل 20 سالن کان پاڪستان ۾ غربت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. 20 سال اڳ غربت گهٽ هئي ان لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو بجيٽ وڌائڻو پوندو.
عالمي بينڪ موجب ايندڙ مالي سال غربت 39.4 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 35 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي.
عالمي بينڪ چيو آهي ته رائز ٽو پروگرام جي تحت 35 ڪروڙ ڊالر بورڊ جي منظوري سان جلد کان جلد ملندا ۽ هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معاشي گروٿ 17 سيڪڙو تائين رهي سگهي ٿي.
عالمي بينڪ گاڏين جي خريداري، خرچن ۾ گهٽتائي، پگهار ۽ پينشن اسٽرڪچر اصلاحات تي زور ڏنو آهي.